ڪراچي/حيدرآباد/سکر ( نمائندن وٽان ) ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ افغاني پٺاڻن هٿان بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان زاهد ميراڻي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ جسقم جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ دادو ۾ منصور جمالي، نياز چنا، عارف لغاري، وحيد لغاري، عباس قريشي ۽ ٻين هٿن ۾ پارٽي جا جهنڊا کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ملير ۾ انعام سيال، مختيار سومرو، لطف ڦلپوٽو، منير کوسو ۽ ٻين ڪئي، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته گلشن حديد جي اربع بازار ۾ بيدردي سان قتل ڪيل زاهد ميراڻي جا قاتل ملير پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ايس ايس پي ملير 2 ڀيرا مهلت وٺڻ باوجود هن مهل تائين قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، دولتپورصفن ۾ جسقم تعلقي قاضي احمد جي چيف آرگنائيزر امام بخش ڏاهري، فقير حڪيم لاکو، پنهل کوکر، محمد علي پلي، سمير ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو ، نوجوان زاهد ميراڻيءَ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪنري ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي، جسقم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن احمد سنڌي، مير نواز، نادر ديشي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ الله واري چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو، خيرپور جي ڪارڪنن طرفان سوڪ سينٽر کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي، ريلي جي اڳواڻي ڪميل ابڙو اسد سھاڳ ذوالفقار عالماڻي مير خان سھاڳ گلشن ڦلپوٽو علي جمالي ۽ ٻيا ڪري ھئا، ڌاٻيجي ۾ به جسقم ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ، شھيد زاھد ميراڻي جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ تي جسقم جي سڏ تي گھارو يونٽ جي اڳواڻن شبير شيخ ،اياز شاهه، جساف پاران ضلعي صدر سائين اياز شاهھ جيلاني ۽ ٻين پريس ڪلب گھارو اڳيان احتجاجي مظاھروڪيو ويو ، مورو ۾ ڪينال ۽ نوجوان زاھد ميراڻي جي قتل خلاف شھيد عبدالرزاق سومرو چوڪ کان ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي مختلف رستن کان ٿيندي مورو پريس ڪلب پھتي جتي احتجاجي مظاھرو کي خطاب ڪندي قربان ڇڇڙو جڳڊيش ڪمار نعيم پيرزادو زين ميمڻ پنھل ميمڻ ء ٻين چيو ته اسان سنڌو مٿان ڪئنالن کي ڪنھن به صورت م قبول نه ڪنداسين. ڏوڪري جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي، امتياز کوهارو، امتياز ميراڻي، عمران ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ سنڌين جو قتل عام ڪيو پيو وڃي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. هوڏانهن جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي بيان جاري ڪندي چيو ته پورهيت زاهد ميراڻي جو اربع بازار ۾ قتل کليل دهشتگردي آهي، جنهن جا قاتل 12 ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود به پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جيڪو عمل واضح ڪري ٿو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، انڌير آهي ،قانون ۽ انصاف ناهي، ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، اغوا ٿي رهيا آهن ،ڦريا ۽ لٽيا وڃن ٿا پر ڪٿي به سرڪار نظر نٿي اچي، هن چيو ته ڪراچي سنڌين جو شهر آهي،ڪير به سنڌي پاڻ کي لاوارث نه سمجهي، سنڌ سرڪار ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، شهرن ۾ دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا آهن سرڪار رڳو ڪرپشن، بيماني ۽ ٺڳي ۾ پوري آهي، پوليس جي ڪارڪردگي به زيرو آهي ٻي طرف ڪوٽڙي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آهي ته سنڌ، لاقانونيت سبب ناانصافي جو شڪار آهي، ڪير به محفوظ ناهي، زاهد ميراڻي جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن،