جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس: علي امين، شاهه محمود سميت وڌيڪ 14 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي واري ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي، علي امين گنڊاپور، شهريار آفريدي سميت وڌيڪ 14 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه سينٽرل جيل اڊيالا ۾ ٻڌڻي ڪئي، پي ٽي آءِ باني عمران خان، علي امين گنڊاپور، شبلي فراز، شاهه محمود قريشي، شهريار آفريدي سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.
علي امين گنڊاپور جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ بعد گرفتاري وارنٽ رد ٿي ويا، هن وڪيل غلام حسنين سنبل کي پليڊر مقرر ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته جي ايڇ ڪيو حملي واري ڪيس ۾ هن وقت تائين 113 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.