اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان کي سياسي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، 9 مئي جي ڏينهن مان موقعي تي موجود ئي نه هيس، ڪراچي ۾ هيس.
اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ عدالت ٻاهران صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته گذريل ملاقات ۾ باني کي سول نافرماني جي تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، جيڪڏهن حڪومت سنجيده آهي ته ڳالهين جي شروعات ڪري.
هن چيو ته حڪومت اڳ ۾ چئي رهي هئي ته پي ٽي آءِ ڳالهين جو ماحول ٺاهي، اسان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي ۽ باني کي چيو هو ته سول نافرماني جي تحرڪي ملتوي ڪرڻ سان حڪومت جي سنجيدگي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي هن وقت سياسي استحڪام جي ضرورت آهي، جيڪڏهن سياسي استحڪام هوندو ته معاشي استحڪام ايندو، رڳو وياج جي شرح گهٽائڻ سان معاشي استحڪام نٿو اچي، موجوده صورتحال ۾ سياسي ڳالهين جي شروعات واحد رستو آهي، سياسي جماعتن کي سياسي ڳالهين جي شروعات ڪرڻ گهرجي.
شاهه محمود قريشي چيو اسان ڏيڍ سال کان جيل ۾ آهيون، نٿا چيون ته معاف ڪيو پر انصاف ڪيو وڃي.
You might also like