ڪا به قانون سازي صدر جي صحيحن بنا مڪمل نٿي ٿي سگھي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ڪا به قانون سازي صدر جي صحيحن بنا مڪمل نٿي ٿي سگھي.
قومي اسمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته مولانا فضل الرحمان سان منهنجو ۽ منهنجي قائد جو عزت جو رشتو آهي، اسان جي وڏن گڏجي 1973 جو آئين پاس ڪيو.
هن چيو ته 26هين ترميم سان گڏ هن بل کي ٻنهي ايونن پاس ڪيو، آئين جو آرٽيڪل 50 پارليامينٽ جي تعريف ڪري ٿو، صدر هن ايون جو حصو آهي، ڪا به قانون سازي صدر جي صحيحن بنا مڪمل نٿي ٿي سگهي.
سندس چوڻ هو ته آرٽيڪل 75 موجب صدر ڏهن ڏينهن اندر منظوري ڏيندو يا پوءِ بل مجلس شوريٰ کي واپس موڪليندو آهي، جڏهن صدر بل واپس موڪليندو آهي ته آئين موجب بل کي گڏيل اجلاس ۾ رکيو ويندو آهي، گڏيل اجلاس بل کي ترميمن سان يا ترميمن بنا پاس ڪندو آهي.
اعظم نذير تارڙ چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي ذميوارين کان واقف آهي، امن ۽ امان لاءِ وفاق صوبن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.