ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڄ رات پارو سنگل ڊجيٽ ۾ وڃڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار رهندي، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ ٿڌ جي سخت لهر برقرار رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي جو گهٽ کان گهٽ پارو 10.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ ٿڌ وڌڻ ۽ پارو سنگل ڊجيٽ ۾ وڃڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ رات جو پارو 11 کان 9 ڊگري تائين وڃي جو امڪان آهي، اتر اولهه کان خشڪ ٿڌيون هوائون گهلنديون رهنديون.
You might also like