جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا خلاف ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ پاڪستان پليئنگ اليون جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي آخري ميچ اڄ رات نائين وڳي جوهانسبرگ ۾ کيڏي ويندي، جنهن لاءِ پاڪستان پليئنگ اليون ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي.
عثمان خان کي ڊراپ ڪري سلمان آغا کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ٽيم ۾ محمد رضوان (ڪپتان)، بابر اعظم، صائم ايوب، طيب طاهر، محمد عرفان، سلمان آغا، عباس آفريدي، شاهين آفريدي، جهانداد خان، حارث رئوف، ابرار احمد شامل آهن.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريقي ٽيم سيريز اڳ ئي 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.
You might also like