عمران اشرف ۽ ڪنزا هاشمي جي فلم ”ڪٽر ڪراچي“ جو ٽريلر جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليوارو اداڪار عمران اشرف جلد وڏي پردي تي واپسي لاءِ تيار آهي، هو ريپر طلحه انجم جي ڊيبيو فلم ”ڪٽر ڪراچي“ ۾ مک ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
ڪٽر ڪراچي جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن اداڪارا ڪنزا هاشمي ۽ سيد جميل پڻ اهم ڪردار ۾ نظر ايندا، مداحن کي هن پراجيڪٽ جي رليز جو شدت سان انتظار آهي.
ڪٽر ڪراچي جي ٽريلر کي ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته هيءَ هڪ سسپينس سان ڀريل ڪرائم ٿرلر فلم آهي، جنهن جي ڪهاڻي ڪراچي جي حقيقت پسنداڻي ماحول جي چوڌاري گهمي ٿي، فلم جي منظرن ۾ ڪراچي جي ثقافت جي جھلڪ نظر اچي ٿي.
عمران اشرف فلم ۾ هڪ ”مافيا باس“ جي روپ ۾ نظر ايندو، جيڪو روشنين جي شهر تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي، ٻئي طرف طلحه انجم پنهنجي مقام جي دفاع لاءِ آخري حد تائين وڙهڻ لاءِ تيار آهي، فلم ۾ ڪنزا هاشمي جو انداز به روايتي ڪردارن کان بلڪل مختلف آهي.
اها فلم 20 ڊسمبر تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.