ممبئي (ويب ڊيسڪ) بلاڪ بسٽر فلم ”پشپا 2“ جي زبردست ڪاميابي کان پوءِ رشميڪا مندنا هن وقت پنهنجي نئين فلم ”سڪندر“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، جنهن ۾ هوءَ پهريون ڀيرو سلمان خان سان گڏ نظر ايندي.
پنهنجي تازي انٽرويو ۾ رشميڪا سپر اسٽار سلمان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي تجربي ۽ شوٽنگ دوران پنهنجي بيماري دوران سلمان کان ملندڙ مدد بابت ڳالهايو.
رشميڪا ٻڌايو ته سلمان خان سان ڪم ڪرڻ هڪ خواب حقيقت بڻجڻ جيان آهي ۽ هو هڪ تمام خاص ۽ مخلص انسان آهي، جيڪو سڀني جو گهڻو خيال رکندو آهي، شوٽنگ دوران جڏهن سلمان خان کي منهنجي بيماري جي خبر پئي ته ان فوري طور پهچي خيريت معلوم ڪئي ۽ عملي کي هدايت ڪئي ته رشميڪا کي صحتمند کاڌو، گرم پاڻي ۽ ٻيون ضروري شيون فراهم ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته هوءَ سلمان خان سان فلم سڪندر لاءِ تمام گهڻي پرجوش آهي.
ياد رهي ته ”سڪندر“ ايندڙ سال عيد جي موقعي تي سئنيما گھرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.
You might also like