سمارٽ فون رکندڙ ماڻهو مختلف هنڌن تي سيلفي ڪڍڻ جي جنون ۾ مبتلا هوندا آهن، ڪجهه ته تصوير ڪڍندي پنهنجي زندگي داءَ تي لڳائي ڇڏيندا آهن، اهڙو ئي حرڪت هڪ چيني سياح به ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب چين سان واسطو رکندڙ هڪ عورت موڪلون ملهائڻ سريلنڪا وئي هئي، هوءَ ٽرين ۾ سفر ڪري رهي هئي ته خوبصورت نظارن کي ڏسي هلندڙ ٽرين ۾ سيلفي ڪڍڻ جو سوچيائين.
عورت تيز هلندڙ ريل گاڏي جي در تي بيهي سيلفي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر اوچتو وڻ سان ٽڪرائڻ سبب پنهنجو توازن وڃائي ٻاهر ڪري پئي.
خوش قسمتي سان عورت جي حياتي بچي وئي، کيس زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو.
You might also like