ڏکڻ ڀارتي فلمن جو سپر اسٽار الو ارجن گرفتار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار الو ارجن کي پوليس ڀاڄ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب 4 ڊسمبر تي حيدرآباد جي سنڌيا ٿيٽر ۾ الو ارجن جي بلاڪ بسٽر فلم ”پشپا 2“ جي پريميئر دوران ڀاڄ سبب هڪ خاتون فوت ٿي وئي هئي، جڏهن ته ان جا ٻه پٽ سخت زخمي ٿيا هئا، جن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اداڪار الو ارجن کي سنڌيا ٿيٽر ۾ ڀاڄ واري معاملي تي تلنگانا پوليس گرفتار ڪيو آهي، پوليس اهلڪارن اڄ صبح الو ارجن جي گهر پهچي سخت حفاظتي انتظامات سان کيس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو.
ڀارتي ميڊيا تي الو ارجن جي گرفتاري جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون ويون آهن.
الو ارجن، سندس سيڪيورٽي ٽيم ۽ سنڌيا ٿيٽر جي انتظاميا خلاف قتل ۽ تشدد جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته تلنگانا پوليس کي اطلاع نه ڏنو ويو ته الو ارجن اسڪريننگ لاءِ سنڌيا ٿيٽر اچڻ وارو آهيا، جڏهن ته ٿيٽر جي انتظاميا ان حوالي سان آگاهه هئي.
ڪيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن پوليس کي ڄاڻ هجي ها ته وڌيڪ سيڪيورٽي مقرر ڪئي وڃي ها، ٿيٽر ۾ پهچندڙ وڏي هجوم ۽ سيڪيورٽي جي گهٽتائي سبب واقعو پيش آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.