ثنا جاويد جي بولڊ لباس تي مداحن جي تنقيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا ثنا جاويد پنهنجي باس ليڊي اسٽائل سان مداحن کي متاثر نه ڪري سگهي.
ثنا جاويد انسٽاگرام تي پنهنجون ڪجهه نيون تصويرون شيئر ڪيون آهن، انهن تصويرن ۾ کيس ڪاري رنگ جي اولهه جهڙي لباس ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
اداڪارا جون اهي تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون ۽ بولڊ لباس سبب مداح کيس تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.
واضح رهي ته ثنا جاويد هلندڙ سال جي شروعات ۾ ناليواري ڪرڪيٽر شعيب ملڪ سان شادي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.