اسلام آباد( بيورو رپورٽ/ع آ نيوز) وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ رابطا بحال ٿي ويا آهن. جڏهن ته پي ٽي آءِ عمران جي آزادي سميت اهم مطالبن تان هٿ کڻي وئي، 9 مئي واقعن تي عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان پي ٽي آءِ اڳواڻن اسپيڪر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بئريسٽر گوهر، عمر ايوب، صاحبزاده حامد رضا ۽ قانون ۽ پارلياماني معاملن وارو وزير اعظم نذير تارڙ به موجود هئا. ذريعن موجب اجلاس ۾ ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جو پليٽ فارم استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اسپيڪر ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ جي تجويز ڏني، سندس تجويز پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ٻنهي قبول ڪري ورتي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهيون بنا ڪنهن اڳواٽ شرطن جي ٿينديون، ڳالهين جو مقصد ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ جاري ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ آهي. پارٽيون ڳالهين جي ڪميٽين جي ميمبرن سان صلاح مشوري کانپوءِ جلد نالا ٻڌائينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ سلمان اڪرم راجا ۽ اسد قيصر به اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات ڪئي. ان کان اڳ دعوي ڪئي وئي ته پي ٽي آءِ جي 5 رڪني ڪميٽي حڪومتي ڪميٽي سان ڳالهيون ڪندي، جنهن ۾ بيرسٽر گوهر، عمر ايوب، صاحبزاده حامد رضا، اسد قيصر ۽ علي محمد خان شامل آهن. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته هنن مفاهمت جو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي ڳالهين جي آڇ قبول ڪئي آهي، سياست ۾ افراتفري نه پر ڳالهين جو رستو آهي. پي ٽي آءِ ڳالهين جي اڳين مطالبن تان پوئتي هٽي وئي، پي ٽي آءِ 9 مئي ۽ 26 نومبر تي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ چاهي ٿي. جيو نيوز سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي اطلاعات واري سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم چيو ته غير رسمي ڳالهين جو مطلب اهو ناهي ته ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ باضابطا ڳالهيون شروع نه ٿيون آهن. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته 9 مئي جا نشان مٽائي اڳتي وڌڻ گهرجي. اسان ايوان مان انصاف گهرون ٿا، ايوان اسان کي انصاف ڏئي، اسان کي ٻيهر روڊن تي اچڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر بچاءُ واري وزير خواجا آصف کي خطاب ڪندي جذباتي ٿي ويو. هن جذباتي انداز ۾ چيو ته توهان چئو ٿا گولي نه هلي، ماڻهو مري ويا آهن. اسان جا ڪئي خاندان اجڙي ويا، اسان پختون ڪارڊ نه ٿا کيڏيون، پر هر پختون پيءُ پنهنجي پٽ جو جنازو ڪڍيو آهي. خواجا آصف کي مخاطب ٿيندي بئريسٽر گوهر جو وڌيڪ چوڻ هو ته پختونن ۾ جڏهن گولي لڳندي آهي ته نسلن کي ياد هوندو آهي. توهان صرف انهن جي داد رسي ڪريو. آفتاب شيرپائو جي دور حڪومت ۾ نفاذ شريعت تحريڪ دوران فائرنگ ٿي، 8 ڄڻا مارجي ويا، ڪيس داخل ڪيو ويو. اسان سڀني جي گهر وڃي معافي گهري، سڀني چيو اسان معاف ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اسان ظلم جو جواب ظلم سان نه ڏنو، خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي حڪومت آهي پر تحريڪ انصاف جي سمورن ماڻهن جو تعلق ناهي، اتي سمورين قومن ۽ مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا، اتي سمورين سياسي پارٽين جا ماڻهو موجود آهن. ڇا حڪومت انهن ماڻهن تي گوليون هلائي؟ اسان ائين نه ڪيو، اسان به چونڊون هارايون پر توهان وانگر ڌانڌلي نه ڪئي. سندس چوڻ هو اسان ڪميٽي ان ڪري ٺاهي ته غلطين کي ٺيڪ ڪيون، ان کي ڪمزوري نه سمجهو، 9 مئي واقعن تي ڪميشن ٺاهي وڃي، هي ايوان اسان کي انصاف ڏئي. ناڻي واري وزير ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پروپيگنڊا ڪندڙ 2018 جي ڳالهه ڇو نٿا ڪن؟ جارحيت سان مسئلا حل نه ٿيندا، سڄي دنيا کي خبر آهي ته اليڪشن ڪير کٽيو ۽ ڪير هارايو. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2018ع جو حساب ڏيڻو پوندو، سڄي دنيا کي خبر آهي ته اليڪشن ڪير کٽيو ۽ ڪير هارايو، اسان کي گڏجي فيصلو ڪرڻو پوندو. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته چڙهائي ڪرڻ وارن کي پارليامينٽ اچڻ تي واڌايون هجن.