روس پنهنجي شهرين کي آمريڪا جي سفر کان روڪي ڇڏيو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي پرڏيهي وزارت پنهنجي شهرين کي آمريڪا جو سفر نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب روسي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته آمريڪا سان وڌندڙ ڇڪتاڻ کي ڏسندي آمريڪا جو سفر خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
روسي پرڏيهي وزارت موجب ماضي ۾ اسان جي شهرين کي آمريڪي اختيارين طرفان ماريو ويو آهي، روسي شهري آمريڪا، ڪينيڊا، يورپي يونين جي ڪجهه ملڪن جي دورن کان پاسو ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.