آءِ سي سي چيئرمين چيمپيئنز ٽرافي جا معاملا اڌ ۾ ڇڏي آسٽريليا هليو ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جو معاملو اڌ ۾ ڇڏي آءِ سي سي چيئرمين جي شاهه آسٽريليا پهچي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب آءِ سي سي چيئرمين جي شاهه برسبين ويو آهي، جتي هو امڪاني طور اولمپڪس جي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته هو آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ ٽين ٽيسٽ ميچ پڻ ڏسندو.
چيمپيئنز ٽرافي جا معاملا اڌ ۾ ڇڏي جي شاهه جي آسٽريليا وڃڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي، ڪرڪيٽ آسٽريليا کي آءِ سي سي جي معاملا ۾ بي سي سي آءِ جو حامي سمجهيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.