ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ ٻيو رڪارڊ قائم ٿي ويو.
ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ناڪاري شروعات ٿي ۽ 100 انڊيڪس 678 پوائنٽن جي گهٽتائي سان هڪ لک 9 هزار 375 تي اچي ويو.
پر ڪاروبار دوران مارڪيٽ ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي ۽ انڊيڪس هڪ لک 9 هزار 868 تي پهچي ويو.
ڪاروبار دوران مارڪيٽ نئون رڪارڊ قائم ڪيو، انڊيڪس 1044 پوائنٽن واڌ سان هڪ لک 10 هزار 98 تي پهچي ويو.
You might also like