آمريڪي شهري تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻولي ڏئي مارخور جو شڪار ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي شڪاري رونالڊ جوويٽ چترال ۾ ڪشميري مارخور جو شڪار ڪري ورتو.
اختيارين موجب مارخور جي شڪار لاءِ آمريڪي شڪاري آڪٽوبر ۾ پاڪستاني تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻولي ڏني هئي، جنهن ۾ هن ٻه لک 71 هزار ڊالرن ۾ پرمٽ حاصل ڪئي هئي.
وائلڊ لائف کاتي جي ڊويزنل آفيسر آمريڪي شڪار جي چترال ۾ شڪار جي تصديق ڪندي چيو ته ڪشميري مارخور جي عمر 11 سال ۽ سڱن جي ڊيگهه 49 انچن کان وڌيڪ هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.