لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم تي جنسي هراساني جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ رابطو ڪندڙ عورت کي 12 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ڪرڪيٽر بابر اعظم خلاف ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
جسٽس محمد وحيد خان اڳوڻي ڪپتان جي درخواست حڪم جاري ڪيو، جڏهن ته درخواست گذار بابر اعظم طرفان بئريسٽر حارث عظمت پيش ٿيو.
عدالت ڪيس داخل ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
بابر اعظم ٽرائل ڪورٽ طرفان ڪيس داخل ڪرائڻ وارو حڪم لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيئليج ڪيو هو، اڳوڻي ڪپتان جي درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 12 ڊسمبر تي ٿيندي.
Prev Post
You might also like