” ائين ڪم نه هلندو“ سنيل گواسڪر جي باقي ميچن لاءِ رانديگرن کي اهم صلاح

برسبين (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا هٿان ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ بدترين شڪست بعد اڳوڻو ڀارتي ڪپتان سنيل گواسڪر روهت اليون جي ڪارڪردگي کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
بارڊر – گواسڪر ٽرافي جي ٻي ميچ ۾ آسٽريليا ڀارت کي ڏهه وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز، هڪ، هڪ تان برابر ڪري ڇڏي.
ميچ کانپوءِ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سنيل گواسڪر ڀارتي ٽيم تي تنقيد جا تير وسائيندي چيو ته باقي ٽن ميچن کي ٽن ميچن جي سيريز سمجهي کيڏو، وساري ڇڏيو ته هيءَ پنجن ٽيسٽ ميچن جي سيريز هئي، ڀارتي ٽيم ايندڙ ميچ تائين پريڪٽس سيشنز ڪري.
هن چيو ته اوهان هر وقت هوٽل جي ڪمرن ۾ ويهي سگهو يا جتي به وڃي رهيا آهيو اتي واندا نٿا ويهي سگهو ڇو ته اوهان هتي ڪرڪيٽ کيڏڻ آيا آهيو، انڪري پريڪٽس انتهائي اهم آهي.
اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته رانديگرن کي سڄي ڏينهن پريڪٽس ڪرڻ گهرجي، هو صبح يا منجهند جو پريڪٽس سيشنز ڪري سگهن ٿا، جنهن وقت جي چونڊ ڪريو پر ڏينهن نه وڃايو، جيڪڏهن ٽيسٽ ميچ پوري ڏينهن هلندي ته اوهان واندڪائي وارن ڏينهن ۾ ٽيسٽ ميچ ئي کيڏندا آهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.