فضل الرحمان جو مدرسن بابت بل تي حڪومت سان ڳالهين کان انڪار

چارسدا (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مدرسن بابت بل تي اسان کي حڪومت جي ڪا تجويز قبول ناهي.
چارسدا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته بل تي نواز شريف، آصف زرداري، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي سڀ متفق ٿي ويا هئا، بل سينيٽ ۾ پيش ٿيو، اسيمبلي بل پاس ڪيو پر صدر صحيحون نه ڪيون.
هن چيو ته عالمن کي مقابلي ۾ آندو پيو وڃي، عالمن کي ورهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، حڪومت ان معاملي کي سياسي نه بڻائي، اسان قانون جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.