پيداوار جا طريقا ۽ سماجَ کان ثَقافتيِ تِھوارن ۾ تبديليون 

تحرير: محسن پلھه

ثقافت جو تعلق "موڊ آف پروڊڪشن” پيداوار جي طريقن سان جُڙيل ھوندو آهي لباس ۽ تھوار کان ويندي رَھڻي ڪَھڻي تائين سڀ پيداوار جي طريقن تي ٻڌل آھن، اوائلي انسان جڏھن شڪاري اشتراڪي دور ۾ رھندو ھو تڏھن به لباس جو تعلق ان مادي حالتن پيداوار جي طريقن سان جڙيل ھو يعني ھو وڻن جي پنن ۽ جانورن جي کلن کي لباس طور استعمال ڪندو ھو، خوشي ۽ تھوار جو تعلق به بھترين شڪار سان جڙيل ھوندو ھو جڏھن ڪو وڏو شڪار جھڙوڪ ھرڻ، جھنگلي ٻڪر، يا ڪنھن گھڻي گوشت ڏيندڙ جانور کي شڪار ڪيو ويندو ھو ته ان کي اجتمائي ڪاميابي سمجھي رقص ڪيو ويندو ھو، ھن سماج ۾ ڪوبه طبقاتي فرق ڪانه ھو ھر انسان جو لباس ۽ کاڌو ساڳو ئي ھوندو ھو،

جڏھن انسان غلامي واري دور ۾ داخل ٿيو ته پيداوار جو طريقو زراعت ۽ دستڪاري سان جڙيل ھو جيڪو غلامن جي محنت تي مبني هو ان وقت جي لباس ۾ استعمال ٿيندڙ مواد جهڙوڪ  ڪپهه ريَشم ۽ اوُنَ غلامن جي محنت سان پيدا ٿيندو هو، ريشم جي پيداوار اڪثر ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ دستڪاري ذريعي ٿيندي هئي جتي غلامن کي ڪپھه  جي پوکائي ۽ ان مان ڪپڙو ٺاهڻ لاءِ مشقت ڪرڻي پوندي ھئي، سماجي ڍانچو ۽ پيداوار گڏجي طئي ڪندا هئا ته ڪير ڇا پائيندو ۽ اهو معاشي طاقت سان ڳنڍيل ھو، اهڙي سماج ۾ لباس طبقاتي فرق کي واضح ڪندو هو حڪمران اشرافيا طبقو ۽ جنگي ڪمانڊر تمام اوچو ريشم جو لباس پنھنجي جسم تي سجائيندا هئا جن لاءِ خاص مخصوص لباس تيار ٿيندو ھو جڏهن ته غلام طبقي جا ماڻهو سادو ۽ غير معياري لباس پائيندا هئا ۽ اڪثر انھن جي جسم جو مٿيون حصو اگھاڙو رھندو ھو ڇو ته انهن کان ھر وقت سخت مشقت ڪرائي ويندي ھئي تڏھن ثقافت ۽ تھوارن جو تعلق جنگين جي فتح ۽ مذھبي رسمن سان جڙيل ھو ۽ مذھبي رسمن کي به جنگي فتح سان ڳنڍيو ويندو ھو جڏھن جنگين ۾ فتح ٿيندي ھئي ۽ گھڻا غلام ڪنھن آقا جي ملڪيت ۾ ايندا ھئا ته فوجي تھوار ملھايا ويندا ھئا ۽ انهن مان ڪجهه غلام ڪنھن ديوتائن جي نالن تي قربان ڪيا ويندا ھئا يعني تھوار جو تعلق جنگين جي فتح سان جڙيل ھوندو جنھن ۾ ديوتا صرف غلامن جي قرباني سان ئي راضي ٿيندا  ھئا.

جڏھن غلامن ھاري جي شڪل اختيار ڪئي ۽ آقا مالڪ جاگيردار جي روپ اختيار ڪري ورتو ته ھاڻي جنھن وٽ تمام گھڻي زمين ھوندي ھئي اھو تمام گھڻو طاقتور جاگيردار ھوندو ھو، جيئن اسان غلامداري دور ۾ ڏٺوسين ته جنھن وٽ تمام گھڻا غلام ھئا اھو تمام گھڻو طاقتور ھو تڏھن جنگيون غلامن کي حاصل ڪرڻ لاءِ لڳنديون ھيون ۽ ھاڻي جنگيون زمين کي حاصل ڪرڻ لاءِ پئي لڳيون، پھريان طبقاتي تضاد غلام ۽ آقا جي وچ ۾ ھو ۽ ھاڻي تضاد جاگيردار ۽ ھاري جي وچ ۾ ٿيو، جيئن غلامن جو سادو لباس ھو اھڙي طرح ھاري جو به سادو لباس ھو، وڏا پٽڪا، ٽوپيون، ترا، ۽ قيمتي لباس سڀ جاگيردار جي ثقافت جو حصو رھيا ۽ ھاري ويچارو سڄو ڏينھن مٽي سان محنت ڪري ان کي کيڙي سون بڻائي پر ان وٽ پائڻ لاءِ ڪو خاص ڪپڙو به ڪانه ھو نه وري سندن جون مادي حالتون اھڙيون ھيون جو ھو سٺو ڪپڙو پائي سگھن، سندن کي صرف کائڻ لاءِ جاگيردار طرفان ڪجهه اَنُ ملندو ھو جيئن ھو زنده رھي سگھي باقي ڪل زمين جي اپت جاگيردار وٽ ھوندي ھئي، تڏھن ثقافت ۽ تھوارن جو تعلق به فصلن جي پوکائي ڪٽائي ۽ قدرتي فطري طاقتن سان جڙيل ھوندو ھو اڪثر اھي تھوار جاگيردار وڏيرا ڀوتار ملھائيندا ھئا جنھن ۾ سردار جاگيردار وڏا نوان ترا ٽوپيون پٽڪا ٻڌي پيا پنھنجي عاليشان زمينن جي فصلن جي ڪٽائي ۽ پوکائي تي باغ بھار پيا ٿيندا ھئا، جڏھن ته ھاري ويچارا انھن جي خدمت چاڪري لاءِ ھر وقت حاضر رھندا ھئا ھاري اھڙين ثقافتن جو حصو تمام گھٽ رھيا جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته ثقافت ۽ تھوار ٺاھڻ ۾ اصل ڪردار پڻ اشرافيا طبقي جو آهي،

جڏھن ھاري وري مزدور جي شڪل اختيار ڪئي ۽ جاگيردار سرمائيدار جي شڪل اختيار ڪئي ته ھاڻي جنھن وٽ گھڻي دولت آهي اھو تمام گھڻو طاقتور تسليم ڪيو پيو وڃي جيئن پھريان تضاد ھاري جاگيردار ۾ ھو ھاڻي تضاد مزدور ۽ سرمائيدار جي وچ ۾ ٿي پيو، جيئن پھريان جاگيردار  تمام بھترين لباس پائي پيو وڏن محلن ۾ رھيو پيو تيئن سرمائيدار وڏن بنگلن گاڏين ۽ فيڪٽرين جو مالڪ ھو سندس جو لباس سوٽڊ بوٽڊ، امپورٽيڊ ۽ برانڊ آهي، ۽ ھاري فيڪٽرين جي اندر مخصوص مزدوري واري لباس ۾ ۽ ڀڳل ٽٽل گھر ۾ عام راويتي لباس ۾ رھي پيو، اھڙي طرح جاگيردار ھاري جو استحصال ڪري پنھنجي زمينن کي آباد ڪري پيو ان جي پوري اُپَتِ اَنَ تي جاگيردار قابض ھيو اھڙي طرح ھاڻي سرمائيدار مزدور جي محنت مان پيدا ٿيندڙ دولت تي قابض آهي، پھريان جاگيردار جنگون ڪري ماڻھن کي غلام بڻائي زمينن تي قبضا ڪري پيو پر ھاڻي سرمائيدار خام مال جي ڳولھا ۾ ٻين قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري پيو ۽ ڪيترن ئي قومن جي وسيلن ۽ ان جي جاگرافي تي قابض ٿئي پيو جنھن کي سرمائيداري جي سامراجي شڪل سڏيو وڃي ٿو، جڏھن سرمائيداري پنھنجي سرحدن کان اڃا ٻاھر نه نڪتي ھئي ته ان وقت صرف طبقن جو استحصال ٿيندو ھو جڏھن سرمائيداري سامراجي شڪل اختيار ڪئي ته قومن جو استحصال پڻ شروع ٿيڻ لڳو، ٻي عالمي جنگ کان بعد ڪالونيل بيٺڪيت نظام جو خاتمو ٿيو، ان سان اڃا بدتر غلامي جنم ورتو يعني ھاڻي ڪنھن فوج جي ذريعي ڪنھن قوم ملڪ تي ڪاھ ڪري غلام نه پيو بڻايو وڃي بلڪه ان قوم ۾ پنھنجا پِٺوُ پالتو تيار ڪري ڇڏيا ويا ۽ ادارتي صورت ۾ غلام بنائڻ شروع ڪيو ويو آهي جنهن کي نئون بيٺڪيت نظام سڏيو وڃي ٿو جيئن اڄ اسين ملٽي نيشنل، آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي صورت ۾ غلام آھيون جنھن جي نتيجي ۾ خوشحالي خواب جيئان غائب آهي، صنعتي دور جي ثقافت جو تعلق موسيقي، آرٽ، ڪانسرٽس، رومانيت، ويلنٽائن، نيوييئر، مذھبي تھوار سڀ فرد جي فرد جي آزادي سان ڳنڍجي چڪا آهن، صنعتي ۽ ڊجيٽل سماج ۾ دنيا گلوبل وليج پئي سڏجي قومن جي راويتي "ثقافتي لباس” جو اثر ٽٽي رھيو آهي، ماڻھو گوڏ، ساڙھي، سدري، پٽڪو ٽوپي اجرڪ کي عام زندگي ۾ پائڻ ڇڏيندا پيا وڃن قديم ثقافتي روايتون جيئن سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جيڪي سنڌ جي سڃاڻپ ۽ ثقافت جو اهم حصو آهن اڄ ڏينهنَ تائين مخصوص جشنن ۽ ڏِڻن تائين محدود ٿي رهيون آهن.

عام ڏينهن ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي گهٽ استعمال ٿيڻ مان لڳي ٿو ته اها روايت روزمره جي زندگيءَ ۾ گهٽجي رهي آهي شهرن ۾ جديد لباس عام آهي ۽ اجرڪ ۽ ٽوپي کي روايتي يا سرڪاري تقريبن تائين محدود ڪيو ويو آهي، نوجوان نسل پنهنجي روزمره جي زندگيءَ ۾ انهن شين کي شامل ڪرڻ بدران عالمي فيشن کي اپنائي رهيو آهي ڪيترائي سنڌي نوجوان اجرڪ يا ٽوپي کي روايتي هئڻ سبب پراڻي سوچ جو عڪس سمجهن ٿا، گلوبلائيزيشن ۽ مغربي فيشن جي وڌندڙ اثر سان روايتي لباس جي جاءِ تي عالمي لباس مقبول ٿي رهيو آهي سوشل ميڊيا ۽ تفريح جي ٻين ذريعن ۾ روايتي لباس کي گهٽ نمائندگي ملي رھي آهي گهڻا ثقافتي ڏڻ ماضيءَ جي مخصوص حالتن ۽ سماجي ڍانچي سان ڳنڍيل هوندا آهن جڏهن وقت سان سماج جون حالتون ۽ ضرورتون بدلجن ٿيون ته اهي ڏڻ جشن جي صورت ۾ برقرار ته رهندا آهن پر انهن کي عام زندگيءَ ۾ اپنائڻ گهٽجي ويندو آهي.

جڏھن غلامن ھاري جي شڪل اختيار ڪئي ۽ آقا مالڪ جاگيردار جي روپ اختيار ڪري ورتو ته ھاڻي جنھن وٽ تمام گھڻي زمين ھوندي ھئي اھو تمام گھڻو طاقتور جاگيردار ھوندو ھو، جيئن اسان غلامداري دور ۾ ڏٺوسين ته جنھن وٽ تمام گھڻا غلام ھئا اھو تمام گھڻو طاقتور ھو تڏھن جنگيون غلامن کي حاصل ڪرڻ لاءِ لڳنديون ھيون ۽ ھاڻي جنگيون زمين کي حاصل ڪرڻ لاءِ پئي لڳيون، پھريان طبقاتي تضاد غلام ۽ آقا جي وچ ۾ ھو ۽ ھاڻي تضاد جاگيردار ۽ ھاري جي وچ ۾ ٿيو، جيئن غلامن جو سادو لباس ھو اھڙي طرح ھاري جو به سادو لباس ھو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.