جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ گنڊاپور سميت 25 جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ وڏي وزير علي امين گنڊاپور سميت 25 جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
گرفتاري وارنٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه جاري ڪيا.
عدالت سي پي او راولپنڊي کي جوابدارن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪندي چيو ته کين گرفتار ڪري 10 ڊسمبر تي پيش ڪيو وڃي.
علي امين گنڊاپور کانسواءِ شبلي فراز، شهريار آفريدي، زين قريشي ۽ ٻين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.