راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽن مختلف ڪارروائين ۾ 22 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 6 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ٽانڪ جي علائقي گل امام ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران 9 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿيا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فورسز جي اتر وزيرستان ۾ ٻي ڪارروائي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هنگو جي تعلقي ٽل ۾ چوڪي تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 3 دهشتگردن کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 جوان شهيد ٿي ويا.
خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، 22 دهشتگرد مارجي ويا، 6 اهلڪار شهيد
Prev Post
You might also like