سنڌ ۾ 8 جاين تي سڀاڻي ٻيهر ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ورتي ويندي، قلم 144 لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ سڀاڻي ڪُل 8 جاين تي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليجز جي داخلا ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) ورتي ويندي، جنهن لاءِ امتحاني مرڪزن جي ڀرپاسي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.
صوبائي گهرو کاتي طرفان ايم ڊي ڪيٽ جي امتحاني مرڪزن جي ڀرپاسي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ٽيسٽ مرڪزن ۾ ڊجيٽل ڊوائس، موبائل فون، ليڊيز پرس آڻڻ تي پابندي هنئي وئي آهي.
ان سان گڏوگڏ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ مرڪزن جي ڀرپاسي اڻ لاڳاپيل ماڻهن ۽ گاڏين جي اچ وڃ تي به پابندي هوندي.
8 ڊسمبر تي ڪراچي يونيورسٽي، اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٿيندي، جڏهن ته پبلڪ اسڪول حيدرآباد، پوليس ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ به ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٿيندي.
ان کانسواءِ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، پبلڪ هيلٿ اسڪول حيدرآباد، آءِ بي اي پبلڪ اسڪول سکر، قائد عوام يونيورسٽي شهيد بينظير آباد ۾ به ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ورتي ويندي.
واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ ۾ مبينا بي ضابطگين خلاف درخواستن جي ٻڌڻي دوران 4 هفتن ۾ ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو حڪم ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.