لاهور (ويب ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو ته چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي اڄ آءِ سي سي جو اجلاس ملتوي ٿي ويو آهي جيئن ئي ڪجهه فائنل ٿيندو آگاهه ڪيو ويندو.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ موجود اسٽيڊيم جي حالت بهتر ڪنداسين، جتي گرائونڊز نه آهن اتي پلاٽ خريد ڪري گرائونڊ ٺاهيا ويندا، ان لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڊوميسٽڪ سطح تي هر شئي بهتر ڪرڻو آهي ته جيئن سٺا رانديگر ملي سگهن.
سندس چوڻ هو ته سندن خواهش آهي ته پشاور اسٽيڊيم تيار ٿي وڃي، اهڙن شهرن ۾ ٽورنامينٽ ڪرائڻ چاهيون ٿا جتي وڏا ايونٽ ناهن ٿي رهيا.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڄ آءِ سي سي جو رٿيل اجلاس ملتوي ٿي ويو آهي جنهن ۾ ڪجهه معاملا فائنل ٿيڻا هئا، جيئن ئي ڪا اڳڀرائي ٿيندي آگاهه ڪنداسين، قوم کي مايوس نه ڪبو.
محسن نقوي چيو ته آءِ سي سي اجلاس دوران پيش ڪيل شرطن بابت تفصيل ڏيڻ وقت کان اڳ هوندو، ڪوشش آهي ته پاڪستان ۽ عالمي ڪرڪيٽ لاءِ سٺو فيصلو ٿئي.
پي سي بي چيئرمين چيو ته هو ڪا ناڪاري ڳالهه ڪري معاملا بگاڙڻ نه ٿو چاهي في الحال معاملي تي ڳالهيون جاري آهن، پاڪستان سٺو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن آءِ سي سي کي ڪو نقصان ٿيو ته سڄي دنيا جي ڪرڪيٽ کي نقصان ٿيندو، پر اميد آهي ته شين ۾ بهتري ايندي.
You might also like