”فضل الرحمان چاهي ته حڪومت گهر وڃي سگهي ٿي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان چاهي ته حڪومت گهر وڃي سگهي ٿي پر موجوده صورتحال جو هڪ ئي حل قومي حڪومت جو قيام آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته موجوده حالتن ۾ ڪجهه عرصي لاءِ قومي حڪومت جو قيام هجڻ گهرجي ۽ ڪجهه عرصي لاءِ گڏيل وزيراعظم آڻڻ گهرجي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ، ن ليگ ۽ پ پ ملڪ لاءِ ضروري آهن، پي ٽي آءِ باني کي ڪيرائڻ لاءِ عدالتي نظام کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان جي معيشت، سياست ۽ عدالت ويهاري وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي آزادي سان گڏ ڪميشن جوڙڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ جي سينيئر ججن جي ماتحت ڪميشن ٺهڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني جي آزادي کانپوءِ ملڪ جي صورتحال تبديل ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.