لاڙڪاڻو(ن ع آ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ايم پي اي سهيل انور سيال جي ڀاءُ دڙي ٽائون جي چيئرمين شاھ رخ انور سيال پاران پنهنجي رهائشگاهه تي آيل شهرين جا مسئلا ٻڌڻ کان پوءِ لاڳاپيل عملدارن سان رابطو ڪري لاڙڪاڻي واسين جا مسئلا هنگامي بنيادن تي حل ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون.