زيورخ (ويب ڊيسڪ) سوئس انٽرنيشنل ايئرلائنز جي عملي جا ميمبر مبينا طور هڪ جوڙي کي اڻ وڻندڙ وڊيو ليڪ ڪرڻ جي الزام هيٺ ” پرائيويسي جي ڀڃڪڙي “ جي جاچ کي منهن ڏئي رهيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اِهو واقعو نومبر 2024ع ۾ ٿائيلينڊ جي راڄڌاني بئنڪاڪ سويئٽرز لينڊ جي شهر زيورخ ويندڙ اُڏام ۾ پيش آيو.
رپورٽس موجب، اِهو جوڙو خاموشي سان فرسٽ ڪلاس سيڪشن ويجهو موجود گئلري ڏانهن ويو، جتي هن غير اخلاقي حرڪتون ڪيون.
هڪ ليڪ وڊيو جيڪا هاڻي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي ۾ مبينا طور تي عورت کي پنهنجي ساٿي غير اخلاتي حرڪت ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
ايئر لائين واقعي بابت جاري جاچ تي اڃا تائين ڪو باظابطا بيان جاري ناهي ڪيو، اڻ وڻندڙ حرڪت مبينا طور ڪاڪ پٽ جي در مٿان لڳل هڪ لائيو فيڊ ڪئمرا ذريعي نشر ٿي، لائيو فيڊ عام طور تي پائيلٽس کي ڏيکارڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي ۽ رڪارڊ ناهي ڪئي ويندي.
انڪري امڪان آهي ته ڪنهن مبينا طور ڪنهن ٻي ڊيوائس جو استعمال ڪندي اِهو واقعو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، بعد ۾ ان همراهه جيڪو مبينا پائيلٽ يا فلائيٽ اٽينڊنٽ ٿي سگهي ٿو وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي.
Next Post
You might also like