ڪجهه ڌريون نوجوانن کي مذهبي ۽ سياسي انتهاپسند بڻائڻ چاهين ٿيون: بلاول ڀٽو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي وچ ۾ اهڙي سوچ رکندڙ عنصر موجود آهن جيڪي نواجونن کي مذهبي ۽ سياسي انتهاپسند بڻائڻ چاهين ٿا، جڏهن ته سندن خواهش آهي ته نوجوان ترقي ۽ روز ماڻين.
ڪراچي جي علائقي لياري ۾ سنڌ پنڪ فٽبال ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ڪجهه ڌريون نوجوانن کي مذهبي، لساني ۽ سياسي انتهاپسند بڻائڻ چاهين هيون.
هن چيو ته سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستان جي ستر سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، سڀ ڄاڻن ٿا ته هن ملڪ جو مستقبل نوجوان آهن، اسان گڏجي ملڪ جي نوجوانن جي ترقي جو بندوبست ڪنداسين.
هن چيو ته ڪجهه اهڙي سوچ رکڻ وارا آهن جيڪي عورتن کي ترقي ڪندو نٿا ڏسڻ چاهين، انهن لاءِ هو سمجهي ٿو ته سڀ کان بهترين جواب هي عورتون آهن جيڪي هن جي پٺيان بيٺيون آهن، هي عورتون، ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي کان پنهنجي پنهنجي علائقن جي نمائندگي ڪري رهيون آهن ۽ فٽبال کيڏي رهيون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي باني قائدِ اعظم محمد علي جناح چيو ته هو ته ڪو به ملڪ تيستائين ترقي نه ٿو ڪري سگهي جيستائين ان لاءِ عورتن جو برابري جو ڪردار نه هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.