ٿري ڊي پرنٽنگ ذريعي نوان عضوا تخليق، اصل گردن ۽ دل جهڙو ئي ڪم ڪندا!

مختلف سببن جي ڪري گردا، دل، ڦڦڙ ۽ جيرو وغيره ناڪارا ٿيڻ جون بيماريون اڄڪلهه عام ٿي ويون آهن، ان سان گڏ ڪيترن ئي حادثن ۾ ڄنگون ۽ ٻاهون ٽٽڻ توڙي اکين کان محروم ٿيڻ کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو معذور بڻجي زندگي گذاريندا آهن، ايندڙ وقت اهڙي معذرون ۽ مسئلن جو شڪار ماڻهن لاءِ ڪو وڏو مسئلو نه هوندو ڇو ته ماهرن ٿري ڊي پرنٽنگ ذريعي انساني عضوا ٺاهڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي جنهن کانپوءِ هاڻي ڪو به عضوو جيڪو ناڪارا بڻجي ويو هجي يا وري جسم کان ڪٽجي چُڪو هجي ته ان جهڙو ٻيو عضو ٿري ڊي پرنٽنگ ذريعي ٺاهي تيار ڪري سگهي ٿو جيڪو ان ئي عضوي جهڙو ڪم ڪار به ڪري سگهندو.

تھري ڊي پرنٽنگ جي ٽيڪنالاجي انساني عضون جي تياري ۾ نئين انقلابي دور آڻي رهي آهي، جيڪا مستقبل ۾ عضو پيوندڪاري لاءِ هڪ وڏو واڌارو ثابت ٿي سگهي ٿي. ان ٽيڪنالاجي ذريعي اهڙا مصنوعي عضوا تيار ڪيا پيا وڃن،هي ٽيڪنالاجي بنيادي طور تي بايو پرنٽنگ تي ٻڌل آهي، جتي انساني سيلز کي خاص مواد سان گڏ پرنٽر ذريعي تہه بہ تہه تيار ڪيو وڃي ٿو، ۽ پوءِ انهن کي مڪمل عضوو بڻايو وڃي ٿو. هن عمل ۾ انساني جسم جي اصل عضوي جي ساخت ۽ ڪم ڪرڻ واري صلاحيت کي نقل ڪيو وڃي ٿو. ان عمل ذريعي دل، جگر، گردا ۽ ٻين عضون جي تخليق ممڪن ٿي رهي آهي، جيڪي اهڙن مريضن لاءِ حياتي بخش ثابت ٿي سگهن ٿا، جن کي روايتي پيوندڪاري لاءِ ڊونر ملڻ مشڪل آهي. جيڪي انساني جسم سان مطابقت رکن ٿا ۽ مڪمل ڪارڪردگي مهيا ڪري سگهن ٿا.

تھري ڊي پرنٽنگ جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته ان سان انساني جسم سان مڪمل مطابقت رکندڙ عضوا تيار ٿي سگهن ٿا، جنهن سان پيوندڪاري کانپوءِ جسم طرفان رد ڪرڻ جو امڪان تمام گهٽ ٿي وڃي ٿو. ان کان علاوه، هي عمل وقت ۽ خرچ بچائڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿو. مستقبل ۾، هي ٽيڪنالاجي دوا ۽ سرجري جي دنيا ۾ وڏو انقلاب آڻي سگهي ٿي، جتي عضوي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ ممڪن ٿي ويندو.

انساني عضون جي تخليق ۾ هي ترقي صحت جي شعبي ۾ نئين اميدن جا دروازا کوليندي. هي ٽيڪنالاجي نه رڳو زندگيون بچائڻ ۾ مددگار ٿيندي، پر مريضن کي بهتر معيار جي زندگي فراهم ڪندي، جنهن سان صحت جي شعبي ۾ نوان افق ڳولي سگهجن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.