پاڪستان جپان کي هارائي جونيئر هاڪي ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

پاڪستان جپان کي ٻن جي مقابلي چئن گولن تان شڪست ڏئي جونيئر هاڪي ايشيا ڪپ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
عمان ۾ جاري جونيئر هاڪي ايشيا ڪپ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ پاڪستان ۽ جپان وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو.
پهرئين ڪوارٽر ۾ ڪا به ٽيم گول نه ڪري سگهي، ٻئي ڪوارٽر ۾ پاڪستاني ڪپتان حنان شاهد گوگل ڪري ٽيم کي سرسي ڏياري پر ٽن منٽن بعد ئي جپان جي تانڪاتو باشا گول ڪري مقابلو برابر ڪري ڇڏيو، جيڪو هاف ٽائيم تائين برابر رهيو.
ٽئين ڪوارٽر جي 38 هين منٽ ۾ علي بشارت گول ڪري پاڪستان کي وري سرسي ڏياري ڇڏي، پر جپان جي ياماناڪا گول ڪري مقابلو ڪري ٻه، ٻه تان برابر ڪري ڇڏيو.
چوٿين ۽ آخري ڪوارٽر ۾ ڪپتان حنان شاهد خوبصورت فيلڊ گول ڪري هڪ گول جي سرسي حاصل ڪئي، 52 هين منٽ ۾ پاڪستان کي پنالٽي اسٽروڪ مليو جنهن تي سفيان خان گول ڪري اسڪور 2-4 ڪري ڇڏيو جيڪو راند جي پڄاڻي تائين برقرار رهيو.
جونيئر هاڪي ايشيا ڪپ ۾ سفيان خان جو اِهو ڏهون گول هو.
واضح رهي ته پاڪستان گذريل سال به جونيئر هاڪي ايشيا ڪپ جو فائنل کيڏي چاندي جو ٻِلو حاصل ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.