چيمپيئنز ٽرافي معاملي تي سرينڊر ناهي ڪيو: نقوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي واضح ڪيو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي پاڪستان جي سرنڊر جون بي بنياد ڪهاڻيون گهڙيون ويون آهن.
ذريعن موجب، محسن نقوي ۽ پي سي بي عملدارن جي ٽيم دبئي کان ڏيهه واپس پهچي وئي، دبئي جي دوري دوران پي سي بي چيئرمين چيمپيئنز ٽرافي واري معاملي تي آءِ سي سي گورننگ باڊي جي ميمبرز ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي موقف تي قائم ۽ جواب جو انتظار ڪري رهيو آهي.
پي سي بي چيئرمين چيو ته پاڪستان پنهنجا شرط آءِ سي سي آڏو پيش ڪيا، بورڊ کي آءِ سي سي ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي جواب جو اوسيئڙو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سرنڊر جون بي بنياد ڪهاڻيون گهڙيون ويون آهن، جيڪڏهن سرنڊر ڪرڻو هجي ها ته آءِ سي سي ۽ ڀارت وقت نه گهرن ها، دبئيءَ ۾ موڪلن سبب جواب اچڻ ۾ وقت لڳي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.