اسڪواش ليجنڊ جان شير خان جو نالو پي ايس اي هال آف فيم ۾ شامل

پروفيشنل اسڪواش ايسوسيئيشن ( پي ايس اي ) جي هال آف فيم ۾ پاڪستان جي اڳوڻي ورلڊ چيمپيئن جان شير خان جو نالو به شامل ڪري ورتو.
پاڪستاني ليجنڊ اسڪواش پليئر جان شير خان سان گڏ ملائيشيا جِي نڪول ڊيوڊ کي به هال آف فيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
جان شير خان ۽ نڪول ڊيوڊ پي ايس اي اسڪواش هال آف فيم ۾ شامل ٿيندڙ پلئيرز لسٽ ۾ ترتيبوار ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي آهن.
ان کان اڳ پاڪستان جي جهانگير خان ۽ نيوزيلينڊ جضي سوسين ڊيواءِ اِهو اعزاز ماڻي چڪا آهن، هال آف فيم ۾ شامل ٻنهي مرد پليئرز جو تعلق پاڪستان سان آهي.
پاڪستان جي ليجنڊ اسڪواش پليئر جان شير خان رڪارڊ اٺ ڀيرا ورلڊ اوپن ۽ ڇهه ڀيرا برٽش اوپن جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.