اولهه آفريڪي ملڪ گني ۾ فٽبال ميچ دوران تماشائين جهيڙي جي نتيجي ۾ ڪيئي ماڻهو مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آچر جي ڏينهن گني جي ٻئي وڏي شهر انزيريڪوري ۾ فٽبال ميچ دوران تماشائين ۾ جهيڙي جو واقعو پيش آيو.
ميڊيا رپورٽس موجب، اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو ته اسپتال ۾ رڳي لاش ئي لاش آهن، ڪجهه لاش هال ۾ به پيا آهن، جڏهن ته مرده خانو به لاشن ڀرجي ويو آهي.
گني حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ فٽبال ميچ دوران پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي نتيجي ۾ 56 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا تي جهيڙي بابت وائرل وڊيوز جي تصديق نه ٿي سگهي آهي، جيڪي وڊيوز سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون ان ۾ اسٽيڊيم جي ڀرپاسي ۽ اسٽيڊيم اندر لاش نظر اچي رهيا آهن.
مقامي ذريعن موجب، واقعي بعد مڇريل مظاهرين انزيريڪوري جي پوليس ٿاڻي به باهه ڏئي ڇڏي آهي.
هڪ اکين ڏٺي شاهد پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو ته اِهو سڀ ان وقت شروع ٿيو جڏهن ميچ دوران ريفري تڪراري فيصلو ڏنو، ريفري جي فيصلي کانپوءِ تماشائي ميدان ۾ ٽپي پيا ۽ پوءِ جهيڙو شروع ٿي ويو.
You might also like