” پاڪستان ڀارت کان وڌيڪ پرامن ملڪ آهي“ راڻا مشهود جو بي سي سي آءِ کي پيغام

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد چيمپيئنز ٽرافي جي حوالي سان ڀارتي بورڊ لاءِ طنزيه پيغام جاري ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب دوران راڻا مشهود ڀارتي ٽيم جي نالي پيغام ۾ چيو ته حوصلو ڏيکاريو، پاڪستان ۾ اچي کيڏو ڇو ته پاڪستان ۾ اوهان کي شڪست کائڻ جو وڌيڪ مزو ايندو.
هن چيو ته ڀارت جي ساک اڳ ئي خراب هئي هاڻي ويتر خراب ٿي وئي آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پهريون به انتهائي جاندار قسم جو موقف اختيار ڪيو آهي، پاڪستان کان وڌيڪ پرامن ملڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.