اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) رياست مخالف پروپئگنڊا ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندگي لاءِ جوائنٽ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تحت رياست خلاف پروپئگنڊا ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي لاءِ جوائنٽ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ويجهڙ ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن بعد ڪجهه شر پسند عنصر پنهنجي سياسي مقصدن جي پورائي لاءِ رياست ۽ سيڪيورٽي فورسز بابت ورغلائيندڙ پروپئگنڊا پکيڙي رهيا آهن، جنهن جو مقصد ملڪ ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي.
پڌرائي موجب، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جو چيئرمين ڏهه رڪني ٽاسڪ فورس جو سربراهه هوندو، جوانٽ ٽاسڪ فورس جي ٻين ميمبرن ۾ سڌ سماءُ واري وزارت ۽ گهرو وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽيز، ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ جي ڊائريڪٽر کانسواءِ انٽيليجنس بيورو جي جوائنٽ ڊائريڪٽر ۽ آءِ ايس آءِ ۽ ملٽري انٽيلجنس جا نمائندا به شامل هوندا.
جوائنٽ ٽاسڪ فورس فورس 24 کان 27 نومبر دوران اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران پيش آيل واقعن ۽ ڪوڙي پروپئگنڊا ڪندڙ عنصرن جي نشاندهي ڪندي ۽ ڏهن ڏينهن اندر پنهنجون سفارشون مرتب ڪري حڪومت کي پيش ڪندي.
Prev Post
You might also like