پي ٽي آءِ اڳواڻن جو مرڪزي قيادت خلاف وائيٽ پيپر عمران خان ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻن مرڪزي قيادت خلاف وائيٽ پيپر تيار ڪري پي ٽي آءِ باني عمران خان ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻن، پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر، سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا، سميت مرڪزي قيادت تي الزام مڙهيا آهن.
پارٽي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سندن نالا ايف آءِ آرز ۾ آهن پر بئريسٽر گوهر هر واري بچي نڪري وڃي ٿو.
ذريعن موجب، حليم عادل شيخ جو موقف آهي ته مٿن ايف آءِ رز ڪٽجي رهيون آهن پر مرڪزي قيادت آهي، ڪور ڪميٽي ميمبرن مرڪزي قيادت کي ڇڪتاڻ جو ذميوار قرار ڏنو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي اڳواڻن جي راءِ هئي ته ڌرڻي واري ڏينهن بئريسٽر گوهر نه سرزمين تي موجود نه هن قائداڻو ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته علي محمد خان جو آڊيو بيان ۾ موقف هو ته پارٽي جي مرڪزي قيادت ڳالهين ۾ رڌل هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.