دبئي(پ ر) سنڌ فرينڊس فورم دبئي پاران دبئي ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب منعقد ڪئي وئي ثقافتي پروگرام ۾ سوين سنڌياڻين سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي تقريب جو مھمان خاص قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو ھو. ثقافتي پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ ثقافت ۽ تھذيب جي ماءُ آهي ثقافت ڏهاڙو سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين کي گڏي ھڪ تسبيح ۾ پويئي ٿو. سنڌي ماڻهو پنهنجي ثقافتي ڏينهن تي دنيا جي ٻين قومن سان محبت جو اظهار ڪن ٿا اسان کي ست ھزار سالا تھذيب ۽ ثقافت جو مالڪ ھجڻ تي فخر آھي سنڌي ماڻھو امن پسند، ترقي پسند، روشن خيال، علم دوست، انسان دوست، موسيقي ۽ رقص سان پيار ڪندڙ آھن. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪرڻ چاهي ٿي، پاڻ کي پنهنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آھي سنڌو درياھ تي ڇھه نوان ڪئنال ٺھڻ سان سنڌ مڪمل تباھ ۽ برباد ٿي ويندي سنڌي قوم هميشه پنھنجي ڌرتي جو تحفظ ڪيو آھي. سنڌ عظيم تھذيب، ثقافت ۽ رواداريء جي ڌرتي آھي، شاھوڪار تھذيب جي ڌرتي ۽ ان جي درياھ، وسيلن جي مالڪي اسان سڀني جي ذميواري آھي، ڪرپشن، اقرباپروري اسان جي تھذيب، ثقافت ۽ سڃاڻپ کي تباھ ڪيو آھي،هن چيو ته ماڻهن کي پنھنجي درياھ، وسيلن، ثقافت ۽ تھذيب جي بقا لاءِ بيدار ٿيڻ جي ضرورت آھي، سنڌ جي خطرن جو مقابلو علم، تعليم، ڄاڻ، ٽيڪنالاجي ۽ سائنس سان ٿيندو، سنڌيو پاڻ کي تبديل ڪيو،هن چيو ته اڳتي وڌڻ لاءِ پاڻ کي تبديل ڪيو طاقت بنجڻ لاءِ عورتن ۽ مردن جي برابري کپي، پنهنجي سماج ۾ اڌ ساڍا ٽي ڪروڙ عورتون ھيٺ ھونديون ته ڪجهھ ڪو نه ٿيندو، سنڌ ۾ اقليتون غير محفوظ ھونديون، پنهنجي وطن ۾ ھندو، ڪرسچن، سک ۽ فارسي غير محفوظ ھوندا ته پاڻ ترقي ڪون ڪري سگھنداسين،هن چيو ته سنڌ جو ست ڪروڙ عوام 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري دشمن منصوبي کي پنهنجي جدوجهد ذريعي ناڪام بڻائيندو. سنڌ ست ھزار سالا ثقافت ۽ تھذيب جي وارث آهي جنھن کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگهي.