سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اسان لاءِ احترام، وقار ۽ فخر جي علامت آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌ جي عوام سميت سڀني پاڪستانين کي مبارڪباد ڏني آهي.
پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جي عوام سميت سڀني پاڪستانين کي ثقافتي ڏهاڙي جي مبارڪ هجي.
هن چيو ته اهو ڏينهن مهراڻ جي وادي جي ڀرپور ثقافتي ورثي، شاندار روايتن ۽ لازوال قدرن جو مظهر آهي، سنڌ جو اتحاد ۽ ڀائيچاري جو پيغام نسلن کان دلين کي متاثر ڪندو آهي.
سندس چوڻ هو ته اجرڪ ۽ ٽوپي اسان لاءِ احترام، وقار ۽ فخر جي علامت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.