لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سنڌين کي ثقافتي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏني آهي.
لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته سنڌ جي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ثقافتي ڏينهن تي مبارڪباد، مهمان نواز سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي پنجاب واسين جو سلام قبول پئي.
هن چيو ته سنڌي اجرڪ، ٽوپي، دلڪش موسيقي ۽ شاعري ثقافتي خوبصورتي ۾ واڌ ڪندي آهي، سنڌ جي خوبصورت ۽ قديمي تهذيب ۽ ثقافت سڀني لاءِ دلڪشي جو سبب آهي، سنڌ جي ثقافت منفرد آهي.
You might also like