بهاول پور (ويب ڊيسڪ) بهاول پور ۾ تيز رفتار گاڏي بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پ پ اڳواڻ مخدوم علي حسن گيلاني سميت ٻه ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
ٽريفڪ حادثو اوچ شريف روڊ تي علي الصبح پيش آيو، ريسڪيو اهلڪارن لاشن ۽ زخمين کي هيڊ ڪوارٽر اسپتال احمدپور شرقيه منتقل ڪيو.
واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ موجوده سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جو مائٽ مخدوم سيد علي حسن گيلاني پ پ جي ٽڪيٽ تي ٻه ڀيرا ايم اين اي رهيو هو.
صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق سيد علي حسن گيلاني جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
Prev Post
You might also like