ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ صوبائي حڪومت سنڌي ثقافت جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي.
ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ ثقافتي ڏهاڙي تي عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سنڌي اجرڪ، ٽوپي، ادب، موسيقي اسان جي تهذيب جون علامتون آهن، بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ حڪومت سنڌي ثقافت جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي.
هن چيو ته اسان جو ثقافتي ورثو قومي اتحاد ۽ قومي هم آهنگي لاءِ مشعل راهه آهي، گڏيل احترام، يڪجهتي ذريعي هڪ خوشحال ۽ پرامن قوم جي تعمير ڪري سگهون ٿا.
You might also like