ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار سست، واهپيدارن کي ڏکيائيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ جي رفتار متاثر ٿيڻ سان شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا سميت مختلف جي مختلف علائقن مان انٽرنيٽ جي رفتار سخت متاثر ٿيڻ جون شڪايتون سامهون آيون آهن.
واهپيدارن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي علائقن ۾ واءِ فاءِ سروس ۾ به خلل اچي رهيو آهي، وائيس نوٽ، تصويرن، وڊيو اپ لوڊنگ ۽ ڊائون لوڊنگ ۾ به مسئلا پيش اچي رهيا آهن.
انٽرنيٽ سست ٿيڻ سان آن لائن ڪاروبار ڪندڙن سميت آن لائن تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد پڻ پريشان آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.