ميانوالي ۾ ٿاڻي تي حملو ناڪام، ٻه دهشتگرد مارجي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب پوليس ميانوالي جي چاپري ٿاڻي تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائيندي ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
پنجاب پوليس جي ترجمان موجب ميانوالي جي چاپري ٿاڻي تي دهشتگردن اوچتو حملو ڪيو پر پوليس حملو ناڪام بڻائيندي ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
بيان ۾ چيو ويو ته دهشتگردن خيبر پختونخواهه سان سلهاڙيل پنجاب جي بين الصوبائي سرحد تي عيسيٰ خيل سرڪل جي ٿاڻي چاپري تي حملو ڪيو، 20 کان وڌيڪ دهشتگردن ڳرن هٿيارن سان اوچتو حملو ڪيو.
پنجاب پوليس چيو ته دهشتگردن ٿاڻي جي عمارت تي راڪيٽ لانچر هلايا ۽ هينڊ گرنيڊ به اڇلايا پر سمورو عملو محفوظ رهيو.
ترجمان ٻڌايو ته دهشتگردن جي حملي ۾ ٻه پوليس اهلڪار معمولي زخمي ٿيا، جڏهن ته جوابي ڪارروائين ۾ ٻن دهشتگردن کي ماريو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.