پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت جي صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته احتجاج کانپوءِ عمران خان جي آزادي جي تحريڪ وڌيڪ مضبوط ٿي وئي.
پنهنجي بيان ۾ بيرسٽر سيف چيو حڪومت سمجهي ٿي ڏاڍ سان تحريڪ ڪمزور ٿي وئي ته اها ان جي ڀُل آهي، علي امين گنڊاپور جي قيادت ۾ عمران خان جي آزادي جي تحريڪ وڌيڪ زور پڪڙيندي.
هن چيو ته علي امين جي قيادت تي سڀني کي مڪمل اعتماد آهي، ڏاڍ ڪري حڪومت پنهنجي پيرن تي ڪهاڙي هنئي آهي، حڪومت ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڻ ڊنل آهي ظلم سدائين ڊنل ماڻهو ڪندا آهن.
سندس چوڻ هو ته معصوم ڪارڪنن جو رت جعلي حڪومت کي پنهنجي انجام تي پهچائيندو.
You might also like