ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان ۽ ديا مرزا ۾ هميشه هڪ خوشگوار تعلق رهيو آهي ۽ اداڪارا مختلف موقعن تي سندس باري ۾ پنهنجي پسنديدگيءَ جو اظهار ڪري چڪي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ويجهڙ ۾ ديا مرزا 2002ع ۾ رليز ٿيل فلم ” تم ڪو نه ڀول پائينگي “ جي سيٽ تي پيش هڪ دلچسپ واقعو مداحن سان شيئر ڪيو آهي.
هڪ انٽرويوءَ دوران ديا مرزا ٻڌايو ته فلم جي عڪسبندي وقت سلمان خان هڪ سين دوران سلمان خان ڀوڳن ۾ چئي ڏنو ته هڪ وقت ايندو جڏهن ديا مرزا سندس فلمن ۾ ماءُ جو ڪردار ادا ڪندي.
سلمان خان اِها ڳالهه ان وقت چئي جڏهن فلم جي شوٽنگ دوران هڪ اداڪارا جيڪا فلم ۾ سلمان خان جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪري رهي هئي، پنهنجو سين شوٽ ڪرائڻ لاءِ اوسيئڙي ۾ هئي.
سلمان ديا مرزا کي ٻڌايو ته ڄاڻايل اداڪارا ماضيءَ ۾ ساڻس هيروئن طور ڪم ڪري چڪي آهي، جنهن هوءَ دنگ رهجي وئي.
ديا مرزا سلمان خان کان پڇاڻو ڪيو ته اداڪار کلندي چيو ته ” هائو ۽ هڪ ڏينهن تون به منهنجي ماءُ جو ڪردار نڀائينديءَ.“
اداڪار ان ڳالهه کي انتهائي کِل جوڳو قرار ڏيندي اِهو اعتراف پڻ ڪيو ته هوءَ حيرت جو شڪار ٿي ويئي هئي.
ياد رهي ته هلندڙ صديءَ جي شروعات ۾ رليز ٿيل بلاڪ بسٽر فلم ” تم ڪو نه ڀول پائينگي “ ۾ سلمان خان، ديا مرزا، سُشميتا سين ۽ سرڳواسي اندر ڪمار مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.
You might also like