بلاويو پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان زمبابوي خلاف ون ڊي سيريز جي فتح تي چيو آهي ته هن کي پوري ٽيم جي ڪارڪردگي تي فخر آهي.
محمد رضوان جي قيادت ۾ گرين شرٽس مسلسل ٻي پرڏيهي ون ڊي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي، پاڪستان ٽِين ون ڊي ۾ زمبابوي 99 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.
ميچ جي پڄاڻي بعد انعام ورهائڻ واري تقريب ۾ ڳالهائيندي محمد رضوان چيو ته قوم کي ٽيم مان وڏيون اميدون هيون، آسٽريليا خلاف فتح بعد رانديگرن جو مورال بلند هو.
هن وڌيڪ چيو ته آسٽريليا ۽ هتان جي ڪنڊيشن ۾ وڏو فرق هو، جيڪا ڪنڊيشن هنن لاءِ هئي اُها ئي مخالف ٽيم لاءِ به هئي، نوجوانن جي ڪارڪردگيءَ مان خوش آهيان.