اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
اڄ کان اولهه هوائون ملڪ جي مٿين علائقن ۾ داخل ٿينديون، 29 نومبر کان بلوچستان ۽ مٿين علائقن ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 29 نومبر کان 2 ڊسمبر تائين ڪوئيٽا، پٽين، زيارت، قلعي سيف الله ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.
ان دوران جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، وزيرستان، مهمند، دير، خيبر، مالاڪنڊ ۽ ڪوهستان ۾ برفباري ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي گلگت بلتستان ۽ قلات ۾ برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته اسلام آباد، مري، گليات، قطه پوٺوهار ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي.
برساتن دوران لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
You might also like