بشريٰ نه پريس ڪانفرنس ڪئي نه وڏي وزير سان گڏ پشاور وئي!

پشاور (م ڊ) بشريٰ بي بي احتجاج مان فرار ٿيڻ بعد نه پريس ڪانفرنس ڪئي نه وري وڏي وزير سان گڏ پشاور وئي، بشريٰ بي بي ڊي چوڪ ڇڏڻ کانپوءِ ڪنهن سان به رابطو نه ڪيو، کيس ڪالهه پشاور وڃڻو هو، هيلي ڪاپٽر نه ملڻ سبب بشريٰ بي بي پشاور نه وڃي سگهي، بشريٰ بي بي اڃا تائين مانسهره ۾ موجود آهي. ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته بشريٰ بي بي بابر سليم سواتي جي ڀاڻيجي جي گهر تي رهي پئي آهي، ذريعن موجب ڪي پي ڪي جو وڏو هيلي ڪاپٽر ٽٽل آهي، آءِ جي کي ننڍو هيلي ڪاپٽر آڻڻ جو چيو هو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.