عمران، بشريٰ بي بي ۽ علي امين خلاف سخت ڪارروائي جي تياري؟

لاهور (معظم فخر) بشريٰ بي بي  پي ٽي آءِ جي خاتمي جو سنھري تاج بھ پنھنجي مٿي تي رکڻ واري شخصيت بڻجي وئي آھي،ڪارڪنن جي ڊي چوڪ پهچڻ تي گھرو وزير محسن نقوي جي حالت خراب هئي  ۽ کيس باور ڪرايو ويو ھيو تھ تنھنجا دعويٰ حقيقت نھ بڻيا سو ان سموري معاملي جو بار تنھنجي مٿان ھوندو ۽ اھو بھ کيس چيو ويو ته صبح تائين اسلام آباد خالي کپي پوءِ جيڪو وڻئي سو ڪر  پر اسلام آباد خالي کپي، سو ان کان پوءِ آپريشن شروع ٿيو جيڪو اگر موٽروي تي شروع ٿئي ھا تھ محسن نقوي ۽ حڪومت کي ايتري شرمندگي کڻڻ نھ پئي ھا. سو آءِ جي کي فري ھينڊ ملڻ بعد پوليس ۽ رينجرز گڏجي مظاھرين کي پھريون ڊي چوڪ کان بليو ايريا تائين پوئتي ڌڪيو ۽ ان کان پوءِ ٻيو آپريشن شروع ڪيو ۽ سموريون مارڪيٽون بند ڪرايون ويون بشريٰ بي بي ۽ علي امين  ان بعد فرار ٿيڻ ۾ سھولت محسوس ڪئي ۽ مانسھرھ وڃي لڪي ويھي رھيا پولي ڪلينڪ ذريعن موجب گذريل رات جي آپريشن ۾ ٻھ  مارجي ويل ۽ 26 زخمي اسپتال آندا ويا سڀني جو تعلق پي ٽي آئي ۽  ڪي پي سان ھيو. رياست پي ٽي آئي کي اسپييس ڏيڻ لاءِ تيار ھئي  اگر پشاور  موڙ تي يا سنگجاڻي تي ويھڻ تي راضي ٿين ھا تھ  مظاھرو ھن وقت تائين جاري رھي ھا،علي امين بشريٰ بي بي ۽ عمران خان خلاف ھاڻي رياست سخت قسم جي ڪارروائي ڪرڻ پئي وڃي انھن خلاف سخت ڪيس ٺاھڻ جي تياري ٿي رھي آھي سو ھاڻي عمران جو ملٽري ٽرائل يا ڪورٽ مارشل ھاڻي پري جي ڳالھ ناھي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 28 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.