سنڌو تي ڌاڙو، پنجاب ۾ 6 ڪينالن مان جلال پور ڪينال جو ڪم مڪمل ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي(ع آ نيوز)  پنجاب ۾ گرين پاڪستان انيشئيٽيو نالي ڇهن ڪينالن مان هڪ ڪينال جو ڪم مڪمل ٿي وڃڻ جو انڪشآف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاهه ڪينال  واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ دوران مڪمل طور تيار ڪينال ڏيکاريندي سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي ته چهن ڪينالن مان هڪ ڪينال مڪمل تيار ٿي ويو آهي. سيد زين شاهه چيو ته هن ڪئنال تي 2 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي ۽ سنڌ جي 2 لک ايڪڙ زمين بنجر ٿيندي. سيد زين شاهه ان موقعي تي پنجاب جي  علائقي رسول پور ۾ جلال پور نالي هڪ نئين تيار ڪيل ڪينال جي ريگيوليٽر وٽ بيهي واضح ڪيو ته هي ڪينال جلال پور ڪينال آهي، هن مان 2 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي ۽ اهڙي طرح سنڌ جي ٻه لک ايڪڙ زمين بنجر ٿيندي. هوڏانهن اسلام آباد ۾ ايس يو پي پاران اڄ سنڌو مان ڪينالن خلاف سيمينار ٿيندو، جن جون  تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.